سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي

سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي

سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي

سنڌ بار ڪائونسل ڪراچي (Sindh Bar Council Karachi): هن بار جو قيام آئين جي سيڪشن 3II ۽ بار ڪائونسل ائڪٽ 1973ع تحت عمل ۾ آيو. هيءُ هڪ اجتماعي ادارو آهي، جيڪو دائمي ۽ لڳاتار عدالتي ڪاررواين جي نگرانيءَ سان گڏ ڪنهن جي به خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو.
بار ڪائونسل جي اصطلاح جو مطلب پنجن سالن لاءِ چونڊن ذريعي هڪ ڪائونسل تشڪيل ڏيڻ آهي.
سنڌ بار ڪائونسل، هڪ ايڊووڪيٽ جنرل ۽ 38 ميمبرن تي مشتمل آهي. هن بار ڪائونسل جي ميمبرن جو تعداد هن ريت ورهايل آهي: ڪراچيءَ مان 19 ميمبر ۽ سنڌ جي مختلف ضلعن/ شهرن: سکر، نوابشاهه، نوشهري فيروز، خيرپورميرس، گهوٽڪي، عمرڪوٽ، سانگهڙ، ميرپورخاص، شڪارپور، جيڪب آباد، ٺٽي، دادو ۽ بدين مان هڪ هڪ ميمبر، لاڙڪاڻي مان ٻه ۽ حيدرآباد مان ٽي ميمبر شامل آهن.
1973ع جي منظور ڪيل بار ڪائونسل ائڪٽ هيٺ بار ڪائونسل هيٺين ڪارگذارين لاءِ پابند هوندي:
• ڪنهن به عدالتي معاملي ۾ قانوني اصلاح ڪري سڌارا آڻڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ
• بار ڪائونسل جون وقت تي چونڊون ڪرائڻ
پاڪستان بار ڪائونسل طرفان ڏنل مختلف مشورن تي غور ڪري عمل ڪرائڻ
• بار ايسوسيئيشن جي ڪارگذاريءَ لاءِ هدايتون جاري ڪرڻ
• بار ڪائونسل جا انتظام هلائڻ
• وڪيلن طرفان عدالت کي گمراهه ڪندڙ ڪيسن جي نشاندهي ڪري اهڙن وڪيلن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۽ انهن لاءِ سزا تجويز ڪرڻ.
• وڪالت جي شعبي ۾ عملي طور شامل ٿيندڙ وڪيلن کي هاءِ ڪورٽ جو لائسنس جاري ڪرڻ کان اڳ مشق ڪرائڻ ۽ انهن جي عملي اصلاح ڪرڻ
• وڪيلن کي سندن قابليت جي آڌار تي داخلا ڏيڻ ۽ ان مقصد هيٺ داخلا لاءِ امتحان وٺڻ
• وڪيلن جي حقن، اظهار جي آزادي ۽ سندن مفادن جو تحفظ ڪرڻ. عدالتن مان شفاف ۽ سستي انصاف جي فراهميءَ لاءِ وڪيلن جي ڪردار کي مؤثر ۽ يقيني بنائڻ وغيره.
مشرف دور ۾ اسٽيل مل جي تنازعي تي سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي چيف جسٽس، جسٽس افتخار محمد چوڌريءَ جي معذوليءَ خلاف ۽ سندس ٻيهر بحاليءَ واري تحريڪ ۾ هن بار جو تمام اهم ڪردار رهيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو